سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري

سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري

سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري

سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي آثار قديمه جي ماهـر سيـد حاڪم علي شاهه بخاري ۽ ناميـاري محقق محمد عـثمـان ميـمـڻ جي، سنڌ جي ڪوٽن، قلعن ۽ قـديم آثارن تي گڏيل تحقيق تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ موجود تاريخي ماڳن، قلعن، ڪوٽن، مزارن، درگاهن، دڙن، آڳاٽين مسجدن، بنگلن، محلن ۽ بندرگاهن جو الف- ب ترتيب سان مختصر توڙي تفصيلي مواد شامل ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ تاريخي ماڳن ۽ قديم
آثارن جي جاءِ وقوع، مجموعي ماپ سان، تاريخي اهميت ۽ حيثيت سان گڏ بيان ڪئي وئي آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڪتاب جي محققن، سيد حاڪم علي شاهه بخاري ۽ محمد عثمان لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب جو انتساب سنڌ جي پهرئين وڏي ۽ گهڻي ڪم ڪندڙ قديم آثارن جي ماهر نيني گوپال مجمدار N.G Majumdar جي نالي ڪيو ويو آهي.
پڪي جلد، ڊبل ڪرائون سائيز ۽ خاڪي رنگ جي ٽائيٽل سان هيءَ ڊائريڪٽري، 312 صفحن تي مشتمل آهي. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان 2008ع ۾ ڇپايل، هن ڊاڪٽريءَ جي قيمت 300 روپيا آهي.


لفظ سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو